شڪر پڙيان

شڪر پڙيان

شڪر پڙيان

شڪر پڙيان: اسلام آباد ۾ جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيل وڏي باغ کي شڪر پڙيان چون ٿا، هيءُ باغ ايترو ته اوچائيءَ تي آهي، جو اسلام آباد ۽ راولپنڊي شهرن جا نظارا به هتان آسانيءَ سان ڏسي سگهجن ٿا. هي باغ 1964ع ۾ ٺاهيو ويو، هن جي خاص ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ بين الاقوامي شخصيتن جي هٿن سان ٻوٽا لڳرايا ويا، جيڪي وڻ سندن نالن سان منسوب آهن. شڪر پڙيان ۾ 112 ملڪن جي سربراهن جي هٿن سان ٻوٽا پوکرايا ويا آهن. ان سلسلي جو پهريون ٻوٽو 1964ع ۾ چين جي تڏهوڪي وزيراعظم چيون لائي جي هٿن سان لڳرايو ويو ۽ 1966ع ۾ سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل ٻوٽو لڳايو. انهيءَ کانپوءِ آمريڪا، برطانيه، فرانس،روس، ايران، جرمني، جاپان، ڪوويت، شام، نيپال ۽ سري لنڪا سميت جيڪي به ملڪي سربراهه پاڪستان جو دورو ڪري چڪا آهن، هر هڪ کان شڪرپڙيان ۾ ٻوٽو لڳرايو ويو آهي. هن وقت تائين آخري ٻوٽو 2007ع ۾ افغاني صدر حامد ڪرزئي جو لڳايل آهي، انهيءَ کانپوءِ ڪو به ٻوٽو اڃا ناهي لڳرايو ويو. شڪر پڙيان دنيا جو اهو واحد باغ آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان ملڪي سربراهه آيا آهن. شڪر پڙيان جي باع ۾ خاص آمريڪي نسل واري
ڇٻر پوکيل آهي. هن ماڳ ۾ سڀ کان وڌيڪ غير ملڪي سربراهه، جنرل ضياءُ الحق جي زماني ۾ آيا هئا. گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ وارن هن باغ کي دنيا جو اهو انوکو باغ قرار ڏنو آهي، جنهن جا مالهي دنيا جي ملڪن جا سربراهه آهن.


لفظ شڪر پڙيانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو